پاڪستان جي عشب عرفان آمريڪا ۾ اسڪواش چيمپيئن شپ کٽي ورتي

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جي عشب عرفان آمريڪا ۾ ٿيل اسڪواش چيمپيئن شپ کٽي ورتي آهي.
روچيسٽرپرو ايم چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ عشب ميڪسيڪو جي جارج لوئس کي مات ڏئي ٽائٽل پنهنجي نالي ڪيو.
هڪ ڪلاڪ تائين جاري رهندڙ آخري دنگل ۾ عشب 10-12-4-11-11-9 ۽ 9-11 جي اسڪور تان کٽي ورتو.
واضح رهي ته 19 ورهين جي عشب عرفان ان کان اڳ آمريڪا ۾ ٻن ٽورنامينٽس ۾ رنر اپ رهيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.