حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ ۾ ڪڻڪ جو بمپر فصل لهڻ باوجود آبادگارن کي بارداڻو نه ملي سگهيو ۽ نه ئي سڌي ريت آبادگارن کان ڪڻڪ جي خريداري ڪئي وئي، سنڌ حڪومت پاران مقرر ڪيل 4 هزار رپيا في مڻ ڪڻڪ واري اگهه تي عمل نه ٿي سگهيو آهي، آبادگار 32 سئو کان 33 سئو روپيا في مڻ ڪڻڪ واپارين جي حوالي ڪرڻ تي مجبور آهن، ان سلسلي ۾ سنڌ آبادگار اتحاد جي صدر نواب زبير ٽالپر عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته 9 لک ٽن وارو حدف به سنڌ حڪومت پورو نه ڪري سگهندي. سنڌ ۾ بارداڻو اڳ ئي مخصوص ماڻهن ۽ واپارين جي حوالي ٿي ويو آهي، هن سال ڪڻڪ جي آبادگارن سان جيڪو ڪجهه ٿيو آهي ان مان لڳي رهيو آهي ته ايندڙ سال آبادگار ڪڻڪ جو فصل نه پوکيندا. سنڌ آبادگار بورڊ جي سينيئر نائب صدر نديم شاهه ڳالهائيندي چيو ته نگران وفاقي حڪومت پاران مارچ ۾ ٻاهران امپورٽ ڪيل ڪڻڪ جا جهاز سمنڊ وسيلي اچي ڪراچي پهتا آهن، جنهن سبب ڪڻڪ جي فصل کي وڏو نقصان پهتو آهي. سنڌ ۾ ڪڻڪ 44 کان 50 لک ٽن لهڻ جي اميد آهي، مجموعي طور تي سڄي ملڪ ۾ 3 ڪروڙ ٽن ڪڻڪ جي پيداوار ٿيڻ جي اميد آهي، ايوان زراعت سنڌ جي اڳواڻ مير عبدالڪريم ٽالپر چيو ته حڪومت پاران 15 سيڪڙو ڪڻڪ جي خريداري به ناهي ڪئي وئي، حڪومت پنهنجو مقرر ڪيل حدف حاصل نه ڪري سگهندي. هن وڌيڪ چيو ته هر فصل تي آبادگارن سان ظلم ٿي رهيو آهي، ڪڻڪ جي فصل تي آبادگارن سان وڏي ناانصافي ٿي آهي، آبادگار ڪڻڪ جي فصل تي ڪيل خرچ به پورو نٿا ڪري سگهن.