گذريل سال جي ڀيٽ ۾ بُهه جو اگهه به گهٽجي ويو، 3 سئو کان 350 رپيا في مڻ وڪرو

حيدرآباد: آبادگارن ڪڻڪ ته گهٽ اگهه تي واپارين جي حوالي ڪري ڇڏي، پر گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هن سال بهه جو اگهه به گهٽجي ويو، گذريل سال بهه جو اگهه 900 روپيا مڻ هو، جيڪو هن سال 300 کان 350 روپيا في مڻ واپاري خريد ڪري رهيا آهن.

  • حيدرآباد ضلعي انتظاميا  ماني جو اگهه گهٽائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي

حيدرآباد: حيدرآباد جي ضلعي انتطاميا نان ۽ تندوري ماني جي اگهن ۾ لاٿ ڪرڻ واري حڪم تي به عمل نه ٿي سگهيو آهي، ضلعي انتظاميا اٽي جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ کانپوءِ نان ۽ تندوري ماني جو اگهه به مقرر ڪيو هو، جنهن ۾ 120 گرام نان جي قيمت 18 روپيا ۽ 100 گرام تندوري ماني جي قيمت 15 روپيا مقرر ڪئي وئي هئي، پر هوٽلن ۽ تندورن تي نان 30 روپيا ۽ تندوري ماني 25 روپين ۾ وڪرو ٿي رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.