پشاور ( م ڊ ) بشام ۾ چيني انجنيئرن جي قافلي تي آپگهاتي حملي جي جاچ ڪميٽي جي تفصيلي رپورٽ سامهون اچي وئي آهي، جاچ ڪميٽي جي رپورٽ موجب پنجاب فرانزڪ سائنس ايجنسي جي رپورٽ به ملي وئي آهي، جنهن موجب چيني انجنيئرن جي گاڏي بلٽ پروف هئي پر بم پروف نه هئي، جڏهن ته سي ٽي ڊي خيبرپختونخواهه جي رپورٽ موجب چيني انجنيئرن جي گاڏي بلٽ پروف نه هئي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته قافلي جي روانگي جو نوٽيفڪيشن روايتي ميل ذريعي 25 مارچ تي روانگي کان هڪ ڏينهن اڳ ڏنو ويو هو، جيڪو 7 ڏينهن اڳ ڏيڻ گهرجي ها. اهڙي طرح ڊائريڪٽر سڪيورٽي داسو هائيڊرو پاور پراجيڪٽ صرف ڊي پي او اپر ڪوهستان، نيشنل هاءِ ويز اينڊ موٽر ويز پوليس ۽ ٻين ڊي پي اوز کي آگاهه نه ڪيو، جڏهن ته واپڊا انٽر سٽي حرڪت جي اڳواٽ منظوري به نه ورتي هئي. رپورٽ موجب ڊي پي او اپر ڪوهستان کي 24 مارچ تي واٽس ايپ تي قافلي بابت اطلاع مليا پر هن ڪمانڊنٽ اسپيشل سيڪيورٽي يونٽ کي اطلاع نه ڏنو ۽ ڊي پي او اپر ڪوهستان رڳو ڊي پي او لوئر ڪوهستان کي اطلاع ڏنو، ٻئي ڪنهن کي به اطلاع نه ڪيو ويو. رپورٽ ۾ اهو به انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ڊي پي او اپر ڪوهستان کي پرڏيهين جي سيڪيورٽي ڊيش بورڊ جي خبر نه هئي ۽ پرڏيهين جي سيڪيورٽي اسپيشل سيڪيورٽي يونٽ جي اڳواڻي ۾ واپڊا پنهنجي سيڪيورٽي گارڊز، ايف سي ۽ گلگت اسڪائوٽس ذريعي فراهم ڪئي هئي، رپورٽ موجب منصوبي جي لاڳت جو هڪ سيڪڙو سيڪيورٽي لاءِ مختص ڪرڻي آهي، واپڊا سڪيورٽي لاءِ اسپيشل سيڪيورٽي يونٽ سان معاهدو ناهي ڪيو، سڪيورٽي لاءِ رقم مختص ڪرڻ واري معاملي تي واپڊا ۽ ايس ايس يو وچ ۾ عدم تعاون جي فضا پيدا ٿي وئي پر ڪمانڊنٽ ايس ايس يو انڪوائري ڪميٽي آڏو ذميواري نڀائڻ جو اعتراف ڪيو، جاچ ڪميٽي موجب ڊائريڪٽر سيڪيورٽي داسو هائيڊرو پروجيڪٽ ۽ ڪمانڊنٽ اسپيشل سڪيورٽي يونٽ سيڪيورٽي ليپس جا ذميوار آهن، ياد رهي ته بشام ۾ چيني انجنيئرن جي گاڏي تي آپگهاتي حملي ۾ هڪ عورت سميت 6 چيني شهري مارجي ويا هئا، ان واقعي کانپوءِ پاڪستان جي صدر، وزيراعظم ۽ گهرو وزير چيني سفارتخاني جو دورو ڪيو ۽ پنهنجي ويجهي دوست ملڪ جي شهرين تي حملي جي سخت مذمت ڪئي ۽ چيني شهرين جي سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا.