اپوزيشن کي ڳالهين لاءِ پارليامينٽ ۾ اچڻو پوندو: خرم دستگير

اسلام آباد (م ڊ)  پاڪستان مسلم ليگ ن جي سينيئر مرڪزي اڳواڻ خرم دستگير چيو آهي ته جيستائين آصف زرداري ايوان صدر ۾ آهي  هو حڪومت لاءِ هٿي آهي، هڪ انٽريو ۾ خرم دستگير چيو ته  وزيراعظم پنهنجو ڌيان عوام  کي مهانگائي مان نجات ڏيارڻ تي رکندو، هن وقت حڪومت جي پهرين ترجيحن ۾  عوام کي وڌ  کان وڌ رليف ڏيڻو آهي، هن چيوته پاڪستان تحريڪ انصاف جي مڪمل پاليسي تشدد جي بنياد تي آهي، جيڪڏهن ان جا اها ئي پاليسي رهي ته پوءِ پي ٽي آءِ سان ڳالهه ٻولهه نه ڪئي ويندي، جيڪڏهن هي سچ پچ  ۾ ڳالهه ڪرڻ چاهين ٿا ته پارليامينٽ ۾ ڪن.

  • اسرائيل ۾ نيتن ياهو خلاف هزارين ماڻهن جا مظاهرا، برطرفي جو مطالبو

يروشلم ( م ڊ ) غزا ۾ 6 مهينن کان جاري جنگ باوجود هزارين فلسطيني يرغمالين کي آزاد نه ڪرڻ ۽ فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس سان معاهدو نه ٿيڻ تي صهيوني حڪومت خلاف هزارين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا آهن. پرڏيهي خابرو اداري موجب هزارين اسرائيلي آبادگارن راڄڌاني تل ابيب کان علاوه يروشلم، بيت شيوا، سيزريا ۽ حيفا ۾ به مظاهرا ڪيا. احتجاج ڪندڙن اسرائيلي وزيراعظم نتن ياهو کي برطرف ڪرڻ، قيدين جي بدلي ۽ جلد چونڊون ڪرائڻ جو به مطالبو ڪيو.  تل ابيب ۾ سڀ کان وڏو مظاهرو ڪپلان اسٽريٽ ۾ ٿيو، جڏهن ته حماس هٿان يرغمال بڻيل اسرائيلي خاندانن ڪريا فوجي هيڊڪوارٽر تي احتجاج ڪيو ۽ تل ابيب ۾ هوسٽيج اسڪوائر تي به وڏو مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرين جو چوڻ هو ته حڪومت کي سمجهڻ گهرجي ته کين اقتدار تي ڪو به حق ناهي، حڪومت فوري طور تي نئين چونڊ جو اعلان ڪري. ياد رهي ته 7 آڪٽوبر کان جاري اسرائيلي بربريت ۾ 34 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ۽ 80 هزار کان وڌيڪ زخمي ٿي چڪا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.