پُراسرار مُرڪ سبب ڏيهان ڏيهه مشهور موناليزا جي دنگ ڪري ڇڏيندڙ وڊيو سامهون اچي وئي

جڳ مشهور پينٽنگ مونا ليزا کي سندس پُراسرار مُرڪ لاءِ ڄاتو ويندو آهي، پر هاڻي اِها تصوير گهڻو ڪجهه ڪرڻ جي قابل ٿي وئي آهي، ۽ ائين نئين آرٽيفيشل انٽيليجنس ( اي آءِ ) ٽيڪنالاجي ذريعي ٿيو آهي.
مائيڪرو سافٽ هڪ نئين اي آءِ ٽيڪنالاجي تيار ڪئي آهي، جنهن بابت پهريان ئي تفصيل جاري ڪيا ويا هئا.
نئون اي آءِ ماڊل پاڻمرادو هڪ تصوير ۽ آڊيو ڪلپ کان وٺي حقيقي نظر ايندڙ وڊيو تيار ڪري وٺندو آهي جنهن ۾ اِهو فرد ڳالهائي رهيو هوندو آهي.
هيءَ ٽيڪنالاجي حقيقي چهرن سان گڏوگڏ ڪارٽونز ۽ پينٽنگز ذريعي به وڊيو تيار ڪري سگهي ٿي، ايتري قدر جو لفظن مطابق چپ چرندو نظر ايندا آهن، چهري ۽ مٿي حرڪت به فطري نظر ايندي آهي.
ڪمپني طرفان ان حوالي سان VASA-1 نالي ويب سائيٽ به جاري ڪئي وئي آهي ۽ اي آءِ ماڊل جو نالو به اِهو ئي رکيو ويو آهي.
نئين ماڊل ذريعي تيار ڪيل وڊيو ڏسڻ وٽان آهن جيڪي انتهائي متاثر ڪندڙ آهن، جيئن مونا ليزا جي وڊيو، ان سان گڏوگڏ اِهو خدشو پڻ موجود آهي ته هي ٽول ڊيپ فيڪ وڊيوز لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو.
مائيڪرو سافٽ موجب اهڙي ٽيڪنالاجي تعليمي شعبي يا ڳالهائڻ ۾ ڏکيائي کي منهن ڏيندڙ ماڻهن جي مدد لاءِ استعمال ٿي سگهي ٿو.
ان ٽيڪنالوجي کي انسانن کي ورچوئل ساٿي تيار ڪرڻ لاءِ به استعمال ڪري سگهجي ٿو.
فلحال مائيڪرو سافٽ طرفان اِهو ٽول عام ماڻهن لاءِ جاري نه پيو ڪيو وڃي.
ان کان اڳ مائيڪرو سافٽ جي ڀائيوار ڪمپني اوپن اي آءِ به پنهنجي نيئن اي آءِ ٽول Sora کي عام ماڻهن لاءِ جاري نه ڪيو هو.
مائيڪرو سافٽ هڪ بلاگ پوسٽ ۾ ٻڌايو ته ڪمپني حقيقي ماڻهن کي ورغلائڻ يا نقصان پهچائيندڙ مواد تيار ڪرڻ جهڙڻ روين جي مخالف آهي.
پوسٽ موجب، ڪمپني جو ٽول عام ماڻهن لاءِ متعارف ڪرائڻ جو تيستائين ڪو ارادو ناهي جيستائين هن جي درست استعمال کي يقيني نه بڻايو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.