واٽس ايپ جو نئون فيچر واهپيدارن جي ڪيئي مسئلن جو حل

واٽس ايپ ۾ هڪ اهڙو متعارف ڪرايو پيو وڃي جيڪو واهپيدارن جي مٿي جي سور جو حل ثابت ٿي سگهي ٿو.
نئين فيچر ۾ واٽس ايپ واهپيدارن جي نمبرن (ڪانٽيڪٽس) لاءِ فيوريٽ ٽيب جو واڌرو ڪيو پيو وڃي.
ويب بيٽا انفو جي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته واٽس ايپ جي اينڊرائڊ واهپيدارن لاءِ نئين بيٽا ورجن ۾ اهو فيچر متعارف ڪرايو ويو آهي.
ان فيچر ذريعي واهپيدارن کي واٽس ايپ ۾ پنهنجي پسند جي نمبرن کي فيوريٽ لسٽ ۾ ايڊ يا ڊليٽ ڪرڻ جي سهولت حاصل هوندي.
اهڙي طرح اوهان لاءِ اهڙن ماڻهن تائين پهچڻ آسان ٿي ويندو جنهن سان اوهان سدائين رابطي ۾ رهندا آهيو، جڏهن ته نمبرن ۾ اسڪرولنگ ڪرڻ جي به ضرورت نه رهندي،
رپورٽ موجب، واٽس ايپ جو اِهو فيچر وائيس ۽ ويڊيو ڪالز لاءِ به مددگار ثابت ٿيندو.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اڃا فيچر تي ڪم هلندڙ آهي، جڏهن اهو بيٽا ورجن واهپيدارن کي به دستياب ناهي.
يعني فلحال اِهو چوڻ مشڪل آهي ته هي فيچر واهيپدارن کي ڪيستائين دستياب ٿيندو، پر رپورٽن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هي فيچر پهرين اينڊرائڊ واهپيدارن لاءِ متعارف ڪرايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.