ٽيڪنالوجي جي دنيا تي حڪمراني لاءِ ميٽا وڏو قدم کڻي ورتو

گوگل ۽ اوپن اي آءِ جي جنريٽيو آرٽيفيشل انٽليجنس ( اي آءِ ) ٽيڪنالاجي کي ٽڪر ڏيڻ لاءِ لاءِ ميٽا طرفان (ميٽا اي آءِ چيٽ بوٽ) کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويو آهي.
هونئن ته ميٽا جي ايپس جهڙوڪ ”فيسبڪ، انسٽاگرام ۽ واٽس ايپ“ ۾ به اي آءِ چيٽ بوٽ واهپيدارن لاءِ دستياب آهي.
پر ويب ورجن تي گوگل ۽ اوپن اي آءِ سان مقابلي لاءِ ميٽا طرفان اي آءِ جي نئين ويب سائيٽ متعارف ڪرائي وئي آهي.
نئين لاما 3 ماڊل تي ٻڌل اي آءِ چيٽ بوٽ اوپن سورس آهي.
نئين ويب سائيٽ جو انٽرفيس اوپن اي آءِ جي ”چيٽ جي پي ٽي“ سان گهڻو ملندڙ جلندڙ آهي پر اِهو مفت يا لاگ اِن ٿيڻ کانسواءِ به استعمال ڪري سگهجي ٿو.
ان کانسواءِ فيسبوڪ ذريعي به اوهان لاگ اِن ٿي سگهي ٿو ۽ ڪمپني موجب، ان سان ماڊل کي ٽريننگ ڏيڻ ۾ مدد ملندي.
ميٽا اي آءِ ويب سائيٽ تي لکت ۾ سوالن جا جواب ڄاڻڻ سان گڏوگڏ واهپيدار تصويرون به تيار ڪرائي سگهندا، پر تصوير جي تياري لاءِ لاگ اِن ٿيڻ ضروري هوندو.
ميٽا جو تصويرون ٺاهيندڙ ٽول متاثر ڪندڙ آهي، جيڪو لکڻ دوران تصوير رئيل ٽائيم ۾ تصويرون جو پريويو ڏيکاريندو آهي، ان سان گڏوگڏ اميج جنريٽر کان اينيميٽ تصويرون به تيار ڪرائي سگهجن ٿيون.
سمورين تصويرن تي ميٽا اي آءِ جو واٽر مارڪ به موجود هوندو جيئن ٽول جو غلط استعمال نه ٿي سگهي.
ميٽا کي اميد آهي ته اها ويب سائيٽ ۽ چيٽ جي پي ٽي ۽ اوپن اي آءِ جي اميج جنريٽر ڊيل اي جو سٺو متبادل ثابت ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.