سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ عام موڪل جو اعلان

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچيءَ جي ڪمشنر 23 اپريل اڱاري جي ڏينهن شهر ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڪراچي جي ڪمشنر طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، 23 اپريل تي ڪراچي ڊويزن ۾ تمام نجي توڻي سرڪاري آفيسون ۽ تعيلمي ادارا بند رهندا.
ذريعن موجب، 23 اپريل تي پرڏيهي مهمانن جي آمد جي موقعي تي ڪراچي ڊويزن ۾ عام موڪل جو نوٽيفيڪشن جاري ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته ايراني صدر ابراهيم رئيسي 22 اپريل کان 24 اپريل تائين ٽن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان اچي رهيو آهي.
ايراني صدر پاڪستان جي دوري دوران اسلام آباد، لاهور ۽ ڪراچي ويندو.
23 اپريل تي ايراني صدر ڪراچي پهچندو، ابراهيم رئيسي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ سنڌ جي گورنر سان ملاقاتون ڪندو.
ايراني صدر ابراهيم رئيسي ڪراچي ۾ پاڪستان جي باني محمد علي جناح جي مزار تي پڻ حاضري ڀريندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.