روهت جي پاڪ-ڀارت ٽيسٽ سيريز جي خواهش تي پي سي بي چيئرمين ڪهڙو جواب ڏنو؟

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پي سي بي چيئرمين محسن نقوي ڀارتي ڪپتان روهت شرما طرفان پاڪ-ڀارت سيريز جي خواهش تي ردعمل جو اظهار ڪيو آهي.
ايل سي سي اي گرائونڊ ۾ انٽر ڪلب ٽورنامينٽ جي افتتاحي تقريب دوران پي سي بي چيئرمين ڀارتي ڪپتان روهت شرما طرفان پاڪ-ڀارت ٽيسٽ سيريز جي حمايت بابت سوال تي چيو ته چيمپيئنز ٽرافي تائين پاڪستان ٽيم گهڻي مصروف آهي، پهريان ڀارتي ٽيم ميگا ايونٽ کيڏڻ لاءِ پاڪستان اچي پوءِ ڪنهن آپشن تي غور ڪيو ويندو.
محسن نقوي چيو ته قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچن لاءِ انٽرويوز جاري آهن، ڪجهه ڏينهن اندر نالن جو اعلان ڪيو ويندو.
هڪ سوال جي جواب ۾ پي سي بي چيئرمين چيو ته اسٽيڊيمز جي اپ گريڊيشن لاءِ بين القوامي ڪمپنين سان رابطي سبب هڪ، ڏيڍ مهينو دير ٿي آهي.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان روهت شرما اڳوڻي انگلش ڪپتان مائيڪل وان سان پوڊ ڪاسٽ ۾ چيو هوته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٽيسٽ مقابلا شاندار هوندا ڇو ته پاڪستان زبردست ٽيم آهي ۽ گرين شرٽس جي بالنگ لائين اپ گهڻي مضبوط آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.