سخت مقابلي بعد ٻي ون ڊي ۾ پاڪستان وومينز کي شڪست، سيريز ويسٽ انڊيز جي نالي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ ) ويسٽ انڊيز وومين پاڪستان وومين کي ٻي ون ڊي ٻن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 2-0 جي فيصلائتي سرسي حاصل ڪري ورتي آهي.
ڪراچي جي نيشنل بئنڪ اسٽيڊيم ۾ پاڪستان وومين جي ڪپتان ندا ڊار ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو ۽ پوري ٽيم 49 هين اوور ۾ 223 رنسن تي ڍير ٿي وئي.
پاڪستان طرفان بسما معروف 65، سدرا امين 50 ۽ نجيحا علوي 25 رنسون ٺاهي اڳڀريون رهيون.
224 رنسن جو هدف ويسٽ انڊين وومين ٽيم اٺ وڪيٽن جي نقصان تي 50 هين اوور جي آخري بال تي پورو ميچ ۽ سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي.
ويسٽ انڊين وومين ٽيم طرفان اسٽيفني ٽيلر 73 ، شيمائن ڪيمبل 52 ۽ ڪپتان هيلي ميٿيوز 44 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيون.
پاڪستان جي ندا ڊار چار، ام هاني ٻه، سعيديا اقبال ۽ فاطما ثناءَ هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
شاندار بيٽنگ تي اسٽيفني ٽيلر کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو، سيريز جي ٽئين ۽ آخري ميچ 23 اپريل تي ڪراچي ۾ کيڏي ويندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.