الخدمت فائونڊيشن طرفان امدادي سامان جي اٺين کيپ غزا روانا

ڪراچي (پ ر) الخدمت فائونڊيشن طرفان امدادي سامان جي 20 ڪنٽينرز جي کيپ سامونڊي ڪارگو جهاز ذريعي غزا لاءِ رواني ڪئي وئي آهي جيڪا مصر ۾ پورٽ سعيد ذريعي پهچائي ويندي.

امدادي سامان جي روانگي جي موقعي تي فلسطيني سفير احمد رباعي، الخدمت فائونڊيشن پاڪستان جي صدر ڊاڪٽر حفيظ الرحمان، نائب صدر ۽ چيئرمين الخدمت ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اعجاز الله خان، الخدمت فائونڊيشن سنڌ جو صدر ڊاڪٽر سيد تبسم جعفري، الخدمت ڪراچي جو صدر نويد علي بيگ، انجنيئر صابر احمد، ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري، سفير احمد امجد علي، اين ڊي ايم اي جا نمائندا ۽ ٻيا فلاحي ادارن جا نمائندا شريڪ ٿيا.

ان موقعي تي الخدمت فائونڊيشن جي صدر ڊاڪٽر حفيظ الرحمان ٻڌايو ته هن کيپ ۾ 400 ٽن امدادي سامان شامل آهي جنهن ۾ غزا جي بي گهر ۽ متاثر ڪٽنبن لاءِ چانور، ڪمبل، خيمن سان گڏوگڏ پڪل کاڌن جا ٽن پيڪ، فيملي پيڪ، ڪچن سيٽ، جيري ڪين، دوائون ۽ ٻيون شيون شامل آهن.

سندس چوڻ هو ته الخدمت جي عالمي پارٽنر اين جي اوز ۽ مصري هلال احمر ذريعي امدادي سامان غزا جي متاثرن تائين پهچايو ويندو.

صدر الخدمت چيو ته غزا متاثرن جي مڪمل بحالي تائين الخدمت فائونڊيشن ۽ پاڪستاني قوم مدد جو سلسلو جاري رکندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.