اليڪشن ڪميشن پاران فارم 45 تي اڳواٽ صحيحون وٺڻ جو نوٽيس، رپورٽ طلب

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن پنجاب اسيمبليءَ جي تڪ پي پي 149 لاهور ۾ ننڍي چونڊ دوران فارم 45 تي اڳواٽ صحيحون ڪرائڻ جو نوٽيس وٺي ڇڏيو.
اليڪشن ڪميشن جي ترجمان موجب، اليڪشن ڪمشنر پنجاب کان فارم 45 تي اڳواٽ صحيحون ڪرائڻ تي فوري رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي ته جيئن معاملي تي وڌيڪ قانوني ڪارروائي ڪري سگهجي.
واضح رهي ته پولنگ دوران پي پي 149 لاهور جي ڪوئين ميري پولنگ اسٽيشن تي پريزائيڊنگ آفيسر طرفان پولنگ ايجنٽس کان ٻهپريءَ دوران ئي فارم 45 تي صحيحون ڪرائڻ جو معاملو سامهون آيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.