ٽِين ٽي ٽوئنٽي، بابر اعظم هڪ ٻيو وڏو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو

راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم هڪ ٻيو وڏو اعزاز پنهنجي ناري ڪري ورتو آهي.
بابر اعظم ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهيندڙ ڪپتان بڻجي ويو آهي.
بابر اعظم آسٽريليا جي اڳوڻي ڪپتان ايرون فنچ جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو، ايرون فنچ ڪپتان طور 76 اننگز ۾ 2 هزار 362 رنسون ٺاهيون هيون.
بابر اعظم اڄ نيوزيلينڊ خلاف ٽين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پنهنجي اننگز جي 28 هين رنس ٺاهي ڪپتان طور سڀ کان وڌيڪ رنسون ٺاهڻ جو اعزاز پنهنجي نالي ڪيو، اِها ڪپتان طور سندس 67 هين اننگز هئي.
ان کانسواءِ بابر اعظم ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچن ۾ چار سئو چوڪا هڻندڙ پهريون ايشيائي بيٽر بڻجي ويو آهي، اڄوڪي ميچ ۾ ٽي ٽوئنٽي عالمي مقابلن ۾ چار سئو چوڪا هڻڻ جو ڪارنامو انجام ڏنو.
ان فهرست ۾ آئرش ڪپتان پائول اسٽرلنگ پهرين نمبر تي آهي جنهن جي ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ۾ چوڪن جو انگ 407 آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.