شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي لياري جي سالياني تقريب ۾ سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا 

ڪراچي (پ ر) شهيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي لياري ۾ سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري ٻي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ 477 شاگردن کي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويا، جڏهن ته 75 شاگردن کي سندن شاندار تعليمي ڪارڪردگي تي تعريفي سندون پڻ ڏنيون ويون.

ان موقعي تي وائيس چانسلر ڊاڪٽر امجد سراج ميمڻ چيو ته مان هن موقعي تي ايڇ اي سي سنڌ جو ٿورائتو آهيان جنهن 3 سال اڳ سڄي سنڌ جي يونيورسٽين لاءِ 6 ملين رپيا، هڪ سال بعد 14 ملين رپيا ۽ گذريل سال وڏي وزير سنڌ مراد علي شاهه  23 ملين رپين تائين فنڊ جاري ڪرڻ جو اعلان ڪيو. پر وفاقي هائير ايجوڪيشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل فيصلي موجب پهرين جولاءِ کان صوبي جي چارٽرڊ يونيورسٽين کي جاري ڪيل فنڊنگ بند ڪئي ويندي.

ان  حوالي سان هن وڌيڪ چيو ته مون کي يقين آهي ته سنڌ حڪومت ان معاملي ۾ سنڌ جي يونيورسٽين جو ساٿ ڏيندي پر مون کي خيال آهي ته يونيورسٽين کي سخت نقصان پهچندو. توهان مون سان متفق آهيو ته اين ايف سي ايوارڊ 18 ۾ به محفوظ آهي. اين ايف سي ايوارڊ ۾ يونيورسٽين کي ڏنل فنڊنگ جو فيصلو گڏيل مفادن واري ڪائونسل نه ڪندي آهي، جيڪو هڪ آئيني ادارو آهي، هائير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد وفاقي حڪومت روڪي نه ٿي سگهي سنڌ جي يونيورسٽين لاءِ فنڊنگ جو معاملو اسان وائيس چانسلر سان ملاقات ڪري موڪليو آهي ۽ سڀ وائيس چانسلرز سنڌ جي وڏي وزير سان ملاقات ڪندا.

 مان هتي هڪ ٻي ڳالهه ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته ڪورونا جي ڏينهن ۾ جڏهن مان بنظیر ڀٽو شهيد يونيورسٽيءَ لياري ۾ داخل ٿيو هئس ته اتي آن لائين ڪلاسز هلي رهيا هئا ان ڪري شاگردن جو تمام گهڻو نقصان ٿيو هو آن لائن ڪلاسن جي ڪري ٻارن جي ليب نه هلي سگهي هئي .

هن يونيورسٽي جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ مان چاهيان ٿو ته هن تقريب ۾ ويٺل ماڻهن کي گهرجي ته هڪ ڪميٽي جوڙي جنهن ۾ عوامي نمائندا، انتظامي کاتا ۽ اعليٰ سرڪاري عملدار شامل هجن ۽ اهي اسٽيڪ هولڊرز سان گڏجي ويهي حل ڪن اهي مسئلا.  لياري ۾ غريب پر پيار ڪندڙ ماڻهو رهن ٿا پر پٺتي پيل واري علائقي جهيڙي صورتحال اٿن ۽ هي يونيورسٽي انهن لاءِ ٺاهي وئي آهي، مان هن موقعي تي توهان سڀني کي اهو پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته اسان کي هن يونيورسٽي جي ترقي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي سڄي ڪراچي ۾ سڀ کان گهٽ فيس هن يونيورسٽي  ۾ آهي، ان کان علاوه ٻارن جي مالي مدد جا طريقا به آهن ۽ جن شاگردن کي مسئلا درپيش آهن انهن کي اسڪالرشپ ڏنيون وڃن ٿيون ۽ ان لاءِ مالي امداد ڪميٽي پڻ ٺاهي پئي وڃي.  هتي جي باصلاحيت شاگردن کي توهان جي مدد جي ضرورت آهي، مان چاهيان ٿو ته توهان انهن ٻارن جي بهترين مستقبل لاءِ فنڊ ڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.