پنڪج ترپاٺي کي وڏو صدمو، ڀيڻويو فوت، ڀيڻ جي حالت ڳڻتي جوڳي

جهارکنڊ (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪار پنڪج ترپاٺي جو ڀيڻيويو روڊ حادثي ۾ حياتي وڃائي ويٺو، جڏهن ته سندس ڀيڻ جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب خوفناڪ روڊ حادثو جهارکنڊ جي جِي ٽي روڊ وٽ پيش آيو،جنهن جي نتيجي ۾ پنڪج ترپاٺيءَ جي ڀيڻ ۽ سندس مڙس سخت زخمي ٿي پيا.
حادثي کانپوءِ ٻنهي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ادڪار جي ڀيڻيويي راجيش تيواري زخمن جا سور نه سهندي دم ڏئي ڇڏيو جڏهن ته سندس ڀيڻ سريتا جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.