پشپا ٽو رليز کان اڳ نئين تاريخ رقم ڪري ڇڏي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اسٽار الو ارجن جي ايڪشن ٿرلر فلم“پشپا“ جي سيڪيوئل جا ڊجيٽل نشرياتي حق رڪارڊ ماليت ۾وڪرو ٿيا آهن.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، انٽرنيشنل اسٽريمنگ سروس نيٽ فلڪس ”پشپا ٽو“ جا ڊجيٽل رائٽس 275 ڪروڙ رپين ۾ خريد ڪري ورتا آهن، جيڪو هنيئر تائين ڪنهن به فلم جو سڀ کان وڏو معاهدو آهي.
ان کان اڳ مشهور هدايتڪار ايس ايس راجا مولي جي ”آر آر آر“ جا ڊجيٽل حق 170 ڪروڙ رپين ۾ وڪرو ٿيا هئا.
ٻي پاسي”پشپا ٽو “ جي ڊائريڪٽر نارٿ انڊيا ڊسٽري بيوٽر رائٽس جو معاهدو 200 ڪروڙ رپين ۾ ڪيو آهي، جيڪو هڪ نئون رڪارڊ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.