معظم بٽ پاران ساک کي نقصان پهچائڻ تي مشال يوسفزئي کي هرجاڻي جو نوٽيس

پشاور ( م ڊ)  پي ٽي آءِ اڳواڻ معظم بٽ  ساک کي نقصان پهچائڻ تي مشال يوسفزئي کي 3 ڪروڙ هرجاڻي جو نوٽيس موڪلي ڇڏيو. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي  امين گنڊاپور جي سماجي ڀلائي واري صلاحڪار مشال يوسفزئي کي پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيئر وڪيل معظم بٽ پاران ساک کي نقصان پهچائڻ تي قانوني نوٽيس موڪلي ڇڏيو آهي. انصاف لائرز فورم جي ميمبر ۽ سينيئر وڪيل معظم بٽ پنهنجي وڪيل ذريعي مشال اعظم کي نوٽيس موڪليو.نوٽيس ۾ مشال يوسفزئي کي پنهنجا الزام ثابت ڪرڻ ۽ جواب جمع ڪرائڻ لاءِ 14 ڏينهن جي مهلت ڏني وئي آهي. نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته مشال يوسفزئي سوشل ميڊيا تي معظم بٽ خلاف توهين آميز مواد شيئر ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.