لاکڙا ڪول جي ٻين بلاڪن جي کليل نيلامي جي هدايت

ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ جي توانائي، رٿابندي ۽ ترقي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه پاران کاتي جي لاڳاپيل آفيسرن  کي هدايت ڪئي آهي ته سنڌ  لاکڙا ڪول ڪمپني پنهنجي ٻين بلاڪن جي کليل نيلامي ڪرائي وڃي،جنهن ۾ ميرٽ ۽ شفافيت کي برقرار رکندي سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪيون وڃن. اھڙيون هدايتون صوبائي وزير پاران سنڌ لاکڙا ڪول ڪمپني جي اعلي سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏنيون.اجلاس کي خطاب ڪندي توانائي واري صوبائي وزير چيو ته پورهيت طبقو صنعتن جي ڦيٿو ھلائڻ ۽ صنعتون هلائڻ ۾ ڪرنگھي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو. هن هدايت ڪئي ته سنڌ لاکڙا ڪول ڪمپني پنهنجي مزدورن جي جانين جي حفاظت کي يقيني بڻائي. سنڌ لاکڙا ڪول ڪمپني جي سي او مشتاق احمد سومرو اجلاس کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪمپني جي بلاڪ ٽو ۾ پهريان صرف هڪ ئي ٺيڪيدار ڪم ڪندو هو، هاڻي ڪم جي رفتار ۽ ڪارڪردگي کي وڌائڻ لاءِ 53 ڪانٽريڪٽرن کي ريزنگ ۽ لفٽنگ لاءِ ٺيڪو ڏنو ويو آھي جنهن سان مزدورن جي صلاحيتن ۾ اضافو ۽ ريوينيو به وڌيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.