ڪراچي (شاهد انجم ) ڪراچي ۾ غير ملڪين تي ٿيل خودڪش.حملي بعد پوليس ميڊيا پرسن کي فون ڪري پوليس مقابلي ڄاڻائڻ لاءِ زور ڏنو.سي سي ٽي وي ۾ ڪٿي به پوليس دھشتگردن سان مقابلو ڪندي نظر نٿي اچي.ٻنهي دهشتگردن کي غير ملڪين جي نجي محافظن ماريو.جنهن ۾ ٻئي نجي محافظ ۽ هڪ راهگير زخمي ٿيا. جن مان هڪ محافظ نور محمد شهيد ٿي ويو. پوليس بعد ۾ پهچي دعوي’ ته ڪئي ته مقابلو ٿيو آهي. پر دھشتگردن سان مقابلو غير ملڪين جي نجي محافظن ڪيو هو. پوليس جو چوڻ هو ته غيرملڪين کي ٿريٽ هئي.اسان فول پروف انتظام ڪيو هو،پر حقيقت هي آهي ته غيرملڪين وٽ پوليس بدران نجي محافظ هيا.واقعي بعد سي ٽي ڊي،جي هڪ آفيسر جي اها دعوي’ به وقت کان اڳ جي ڳاله هئي.جنهن موجب ان ۾ ايس آر اي ملوث هجڻ جو شڪ آهي.