پاڪستان کي بئلسٽڪ ميزائل لاءِ مدد جو الزام، چئن ڪمپنين تي آمريڪي پابنديون

واشنگٽن/اسلام آباد ( م ڊ) آمريڪا پاڪستان کي اوزار وڪرو ڪرڻ جي الزام هيٺ چئن پرڏيهي ڪمپنين تي پابندي مڙهي ڇڏي. آمريڪا طرفان جن ڪمپنين تي پابندي لڳائي وئي آهي تن ۾ چين جون 3 ۽ بيلاروس  جي 1 ڪمپني شامل آهي. آمريڪي پرڏيهي کاتي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته اِهي ڪمپنيون پاڪستان جي بئلسٽڪ ميزائل پروگرام لاءِ اوزار فراهم ڪنديون آهن. آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي ترجمان ميٿيو ملر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا چار ڪمپنيون نامزد ڪري رهيو آهي جيڪي وڏي تباهي جا هٿيارن پهچائڻ ۾ ملوث آهن. آمريڪا وڏي تباهي جي هٿيارن جي خلاف ڪارروائي جاري رکندو. آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ طرفان هڪ  شيٽ پڻ جاري ڪئي وئي آهي. هن فيڪٽ شيٽ موجب، آمريڪا الزام هنيو آهي ته چين ۾ قائم شيان لانگڊ ٽيڪنالاجي ڊولپمينٽ ڪمپني لميٽيڊ پاڪستان جي ڊگهن رينج بيلسٽڪ ميزائلن جي تياري لاءِ پرزا ۽ سامان فراهم ڪري رهيو آهي. هن ۾ فليمينٽ وائننگ مشين پڻ شامل آهي. تيانجن ڪريئيٽو ڪمپني Tianjin Creative International Trade Co., Ltd پاڪستان کي ڊگھي مار ڪندڙ بيلسٽڪ ميزائل پروگرام کي سامان فراهم ڪيو آهي. جنهن ۾ ’اسٽرولڊنگ‘ جو سامان شامل آهي . فيڪٽ شيٽ موجب بيلاروس جي منسڪ وهيل ٽريڪٽر پلانٽ پاڪستان کي بيلسٽڪ ميزائل پروگرام لاءِ خاص گاڏين جي چيسس فراهم ڪئي آهي.  هوڏانهن پابندين تي پاڪستان جو موقف سامهون اچي ويو. پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ بيان ۾ چيو آهي ته پهريان به پاڪستان جي بيلسٽڪ ميزائل پروگرام بابت الزامن تي بنياد تي بنا ڪنهن ثبوت جي واپاري ادارن جون اهڙيون فهرستون سامهون آيون هيون. پاڪستان برآمداتي ڪنٽرول جي سياسي استعمال کي رد ڪري ٿو، سماجي ۽ اقتصادي ترقي حاصل ڪرڻ لاءِ ٽيڪنالاجي تائين پهچ کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ مقصدي ميڪنزم لاءِ لاڳاپيل ڌرين جي وچ ۾ بحث جي ضرورت آهي.  هن چيو ته پاڪستان، تازن آمريڪي قدمن جي تفصيل کان آگاهه ناهي، پر ماضيءَ ۾ اسان ڪيئي اهڙا واقعا ڏٺا جتي رڳو شڪ جي بنياد تي فهرستون ٺاهيون ويون، ان وقت به ملوث شيون ڪنهن ڪنٽرول لسٽ ۾ نه هيون پر اِهي حساس سمجهيون وينديون هيون. ترجمان موجب، اسان ڪيئي ڀيرا نشاندهي ڪئي آهي ته اهڙين شين جو جائز ۽ سويلين استعمال ٿيندو آهي. ترجمان چيو ته بامقصد مڪينزم سماجي اقتصادي ترقي جي حاصلات لاءِ هئڻ گهرجي، پاڪستان سدائين اينڊيوز ۽ اينڊيوزر جي تصديق جي طريقيڪار تي ڳالهائڻ تيار رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.