ڪراچي (رپورٽر) سنڌ بورڊ آف روينيو کي گذريل ٽن سالن يعني 2020- 21 کان 2022- 23تائين 100,640 ملين رپيا روينيو ريڪوري جو هدف ڏنو ويو هو، جنهن جي مقابلي ۾ 48,526 ملين رپيا گڏ ڪيا ويا، جيڪو 52,114 ملين رپين جي شارٽ فال کي ظاهر ڪري ٿو.جنهن تي سنڌ جي وڏي وزير ملتوي ٿيل ٽيڪسن جي بحالي ۽ اي اسٽيمپنگ سسٽم جي نظام کي بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. ته جيئن اوڳاڙي جي عمل کي موثر بڻائي سگهجي. اهڙو اظهار سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ وزيراعليٰ هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري آغا واصف، ايس ايم بي آر بقاءَ الله انڙ، سيڪريٽري فنانس فياض جتوئي، ميمبر بورڊ آف روينيو عباس بلوچ، ناڻي وارو اسپيشل سيڪريٽري نثار ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ناڻي واري سيڪريٽري فياض جتوئي وڏي وزير کي ٻڌايو ته گذريل ٽن مالي سال 2020-21 کان 2022-23 دوران بورڊ آف روينيو (BOR) 100,640 ملين رپين جي هدف جي مقابلي ۾ 48,526 ملين رپيا گڏ ڪيا، جيڪو 52,114 رپين جي شارٽ فال کي ظاهر ڪريو ٿو . وڏي وزير چيو ته بورڊ آف روينيو کي پنهنجي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻي پوندي. ايس ايم بي آر کي جتي ضروري سمجهي سڌارن جي تجويز ڏيو ۽ ان پنهنجي ڪارڪردگي کي بهتر بڻائڻ لاءِ مضبوط قدم کڻن. هن چيو ته هو کاتي جي اوڳاڙين مان مطمئن نه آهي. هن وڌيڪ چيو ته هلندڙ مالي سال دوران BOR جو هدف 55218 ملين رپيا آهي جڏهن ته 9 مهينن جو هدف 41414 ملين رپيا آهي جنهن جي مقابلي ۾ 33.57 سيڪڙو يعني 13901 ملين رپيا گڏ ڪيا ويا آهن. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته 23-2022ع ۾ واٽر ريٽ ريڪوري جي اوڳاڙي جو هدف 805.309 ملين رپيا هو جنهن جي مقابلي ۾ 74.540 ملين رپيا يعني 9.2 سيڪڙو گڏ ڪيا ويا. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته سنڌ ايريگيشن ڊرينيج اٿارٽي (سيڊا) صوبي جي 6090 ڳوٺن مان 2173 ڳوٺن مان اوڳاڙيا ويا آهن. روينيو کاتي کي مقرر ڪيل 3917 ڳوٺن مان 74.540 ملين رپيا گڏ ڪيا ويا آهن. ايگريڪلچر انڪم ٽيڪس (AIT) جو 9 مهينن جو هدف 2,723 ملين رپيا هو، جنهن جي مقابلي ۾ BOR جي اوڳاڙي 44.82 سيڪڙو يعني 1,220 ملين رپيا رهي. اهڙي ريت اسٽيم ڊيوٽي جو هدف 36787 ملين رپين جي اوڳاڙي ڪئي جڏهن ته 33.24 سيڪڙو يعني 12,229 ملين رپيا گڏ ڪيا ويا آهن. وڏي وزير چيو ته اي آءِ ٽي جي ڇوٽ حد 1.2 ملين آهي، جيڪا تمام گهڻي آهي ۽ ان کي ايف بي آر جي 0.4 ملين جي حد جي برابر آڻي سگهجي ٿو. هن چيو ته گذريل ٻن سالن جيان اي آئي ٽي اسسمنٽ پابندي کي 6 سالن تائين وڌائي سگهجي ٿو. مراد علي شاهه چيو ته منوئل فصلن جي انسپيڪشن، اسيسمينٽ ۽ ڪليڪشن ڪرڻ جي طريقيڪار کي ڊجيٽل ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسٽيمپ ڊيوٽي ۾ گهٽتائي بابت هڪ سوال تي وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته ملڪ جي مجموعي معاشي صورتحال غير منقوله ملڪيتن جي ڏي وٺ کي متاثر ڪيو آهي. غير منقول ملڪيت تي ايف بي آر ٽيڪس جا منفي اثر جهڙوڪ فائلر تي 3 سيڪڙو ۽ نان فائلر خريد ڪندڙ تي 10.5 سيڪڙو، فائلر تي 3 سيڪڙو ۽ نان فائلر وڪرو ڪندڙ تي 6 سيڪڙو ۽ ڊيمڊ رييٽ جو غير منقول ملڪيت تي 1 سيڪڙو نافذ آهي. نيشنل بئنڪ جون 142 شاخون اي-اسٽامپ جاري ڪري رهيون آهن جن ۾ سنڌ بئنڪ جون 100 برانچون شامل آهن. بئنڪ آف پنجاب سان اي-اسٽامپ جاري ڪرڻ لاءِ هڪ معاهدو طئي ٿيوآهي، جنهن لاءِ اسٽيٽ بئنڪ کان منظوري جي انتظار ۾ آهي. وڏي وزير چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه کي هدايت ڪئي ته هو بي او آر جو اجلاس سڏائي ٽيڪس اوڳاڙي جي طريقيڪار جو جائزو وٺي ۽ خاميون ختم ڪرڻ لاءِ ضروري سڌارا تجويز ڪري. هن چيو ته بي او آر حڪومت جو هڪ اهم ٽيڪس گڏ ڪندڙ ادارو آهي ۽ اهو ٽيڪس گڏ ڪرڻ ۽ سروس فراهمي ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري رهيو آهي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن کاتي گذريل 3 سالن ۾ 335200 ملين رپين جي مقابلي ۾ 287604 ملين رپيا وصول ڪيا، اهڙي ريت 47596 ملين رپين جو شارٽ فال آهي.