شهدادڪوٽ ۾ ڪارنهن جي ڪڌي رسم هيٺ عورت ۽ نوجوان قتل، جوابدار فرار

شهدادڪوٽ (رپورٽ: ثمر ڀٽي) شهدادڪوٽ ۾ مڙس ڪارنهن جي الزام هيٺ پنهنجي زال ۽ نوجوان کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو ۽ واقعي کان پوءِ فرار ٿي ويو,واقعو شھر جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد نورجهان  ڪالوني ۾ پيش آيو آهي جتي ڪارنهن جي الزام هيٺ نذير ڀٽي نالي ھمراھ   پنهنجي 28 ورھين جي زال فضا ڀٽي ۽ 30 ورھين جي نوجوان سھراب عمراڻي کي پنهنجي ئي گهر ۾ ئي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪيو آهي ۽ واقعي کان پوء فرار ٿي ويو آھي, ھوڏانھن واقعي جي اطلاع تي اي سيڪشن پوليس پھچي لاش تحويل ۾ وٺي تعلقه اسپتال کڻائي آندا، پوليس جي شروعاتي جاج موجب جوابدار نذير ڀٽي ۽ سندس ڀاءُ ڌڻي بخش ڀٽي گڏجي فضا ڀٽي ۽ سھراب عمراڻي کي ڪارنھن جي الزام ھيٺ قتل ڪيو آهي ۽ واقعي کانپوءِ فرار ٿي ويا آهن پوليس موجب مقتول سھراب عمراڻي بلوچستان جي شھر اوستا محمد جو رھواسي آهي ٻي پاسي آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو ۽ نه وري گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي ھئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.