لاڙڪاڻو (پ ر) قومپرست اڳواڻ ڪامريڊ دودوديشي چيو آھي ته سنڌ جي تاريخي، مٺي نيري پاڻي جي سڀ کان وڏي ڍنڍ ۽ ڪراچي جي آبادين سميت مقامي لکين ماڻھن کي پاڻي فراھم ڪندڙ ڪينجھر ڍنڍ جي ايراضين تي ٿيندڙ غيرقانوني والار خلاف باڊھه ۾ جيئي سنڌ قومپرست پارٽي طرفان نائب صدر دودوديشي ۽ سارنگ سومرو سميت ٻين جي اڳواڻي ۾ وڏي انگ ۾ ماڻھن شديد نعريبازي ڪندي باڊھه پريس ڪلب تي احتجاج ڪري مين روڊ تي ڌرڻو ھڻي احتجاج ڪيو، ڌرڻي کي خطاب ڪندي اڳواڻن دودوديشي ۽ نور ساريو جو چوڻ آھي ته ڪينجھر ڍنڍ تاريخي ورثي سان گڏ تفريح گاھ ۽ لکين انسانين جي جياپي جو وسيلو آھي، ھن ڍنڍ جي وسيع تر زميني ايراضي موجود آھي مختلف جبلن مان نڪرندڙ برساتي پاڻي جا لنگھه به آھن، جانورن ۽ پکين جي سنچري به موجود آھي جنھن ايراضين تي غير قانوني قبضا ڪري ڪينجھر جي فطري حسناکين کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. تاريخي ورثي تي ڪنهن صورت ۾ قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين پننهنجي حق لاءِ جدوجهد جاري رهندي.