بارداڻو وڏيرن کي ڏنو پيو وڃي: سنڌ هاري ڪميٽي

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ هاري ڪميٽي جي صدر پروفيسر مير منور ٽالپر، جنرل سيڪريٽري ڪامريڊ ڏامرو مل چيو آھي تھ ھاري ۽ ننڍا  آبادگار بارداڻي کان محرو آھن، سنڌ ۾ ڪڻڪ کي مافيا جي حوالي ڪري ٻاهر کان آندي پئي وڃي،  بارداڻو صرف وڏيرن کي ڏنو پيو وڃي ۽ اهي وڏيرا بارداڻو وڪڻي به ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ننڍا آبادگار ۽ مالڪ هاري واپارين کي سستي اگهه تي ڪڻڪ وڪڻڻ تي مجبور آهن،  انهن کي نه ته  ڪڻڪ جي امدادي قيمت ملي رهي آهي ۽ نه ئي وري صوبائي حڪومت سنڌ ڪو نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار آهي، هاري ۽ ننڍا آبادگار متحد ٿي پنهنجي زمين ڊريڪولائي ڪارپوريٽ مافيا کان بچائي پيداوار کي نفعو ڏيندڙ بڻائڻ جي جدوجهد کي اڳتي وڌائن. پنھنجي جاري ڪيل بيان ۾ ھاري اڳواڻن وڌيڪ چيو ته  حڪمران جاگيردار اشرافيه سنڌ جي زرعي زمين قيمتي ملڪيتن، تاريخي مقامن، پاڻي جي گذرندڙ رستن کي وڪڻڻ ۾ ڪوبه شرم محسوس ناهي ڪري رهي، سنڌ جي زراعت، مافيائن جي حوالي ڪئي وئي آهي، زرعي مافيا ڪنهن به ملڪي قانون کي نٿي مڃي ۽ نه انهي کي ڪنهن اداري جو خوف آهي. ھنن چيو تھ سنڌ جي رائيلٽي تي اسٽيبليشمنٽ، وفاقي حڪومت، صوبائي جاگيردار اشرافيا ۽ ڪمپني  جا مالڪ هٿ صاف ڪري رهيا آهن، هاري ۽ ننڍا آبادگار  انهي زرعي قيدخانن جي ديوارن کي پنهنجي شعوري جدوجهد ذريعي مسمار ڪن.17

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.