ميان صاحب ( ن ع آ) ميان صاحب ڀرسان سلطان ڪوٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ثناءُ الله بروهي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 12 ورهين جو مير حسن پٽ علي حسن بروهي مارجي ويو، اطلاع ملڻ تي نينگر جا وارث ۽ سلطان ڪوٽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ڪري نينگر جو لاش کڻائي سلطان ڪوٽ اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو، نينگر جو لاش پھچڻ تي سندس گھر ڀاتين ۾ ڪھرام مچي ويو، سلطان ڪوٽ ٿاڻي تي نينگر جي وارثن پاران ابراهيم ڪاڪيپوٽو جي ڌر تي حملي ۽ قتل ڪرڻ بابت اطلاع ڏنو آهي، ٻئي طرف سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ ابراهيم ڪاڪيپوٽو چيو آهي ته اسان نينگر کي قتل ناهي ڪيو آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نہ ٿي سگھيو ھو .