ڪنڌڪوٽ(رپورٽ: ممتازسنڌي) ڪنڌڪوٽ لڳ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد چمني تنگواڻي اسٽاپ وٽ پوليس ۽ ڏوهارين جي وچ ۾ مقابلو ٿي پيو، فائرنگ جي ڏي وٺ دوران گوليون لڳڻ سبب 2 ڏوهاري مارجي ويا، ڏوهارين جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن، ذريعن موجب مارجي ويل ڏوهارين جي سڃاڻپ ببلو ڀيو ۽ صدام شيخ طور ٿي آهي.