آصف زرداري جي پاليسين ملڪ ۾جمهوريت کي مضبوط ڪيو:شرجيل ميمڻ

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ، ماس ٽرانزٽ، ايڪسائيز، ٽيڪسيشن، نارڪوٽڪس ڪنٽرول واري  صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته بئريسٽر گوهر آصف علي زرداري تي تنقيد ڪري پنهنجو قد ڪاٺ وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، آءِ ايم ايف کي خط لکي امداد بند ڪرائڻ جي ڪوشش ڪرڻ واري بئريسٽر گوھر  طرفان آصف علي زرداري تي تنقيد کل جوڳي ڳالھه آھي. هڪ بيان ۾ سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته شهيد بي بي کانپوءِ آصف علي زرداري وفاق کي مضبوط ڪرڻ جي علامت طور سامھون آيو، آصف علي زرداري جمهوريت جي حوصلي ۽ غير جمهوريت پسندن جي حوصلا شڪني جو استعارو آهي، آصف علي زرداري ڪي پي ڪي جو نالو رکيو. گلگت بلتستان کي صوبو  بڻايو. هن چيو ته صدر آصف علي زرداري پاڪستان کپي جو نعرو لڳائي وفاق کي وڌيڪ سگھارو بڻايو، اي اين پي کي سينيٽ تائين پھچائي آصف علي زرداري جيڪا روايت قائم ڪئي اُھڙي پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ ڪنھن بھ نھ ڪئي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته صدر آصف علي زرداري جي پاليسين ۽ قدمن ملڪ ۾ جمهوريت کي مضبوط ڪيو ۽ ملڪ ۾ شاندار معاشي ترقي ۽ استحڪام صدر آصف علي زرداري جي تجربن جي ڪري آيو آهي، ويزن 2025 جھڙي اسٽريٽجڪ قدمن ذريعي، صدر آصف علي زرداري عالمي معيشت ۾ پاڪستان جي پوزيشن بلند ڪرڻ لاءِ اڻ ٿڪ محنت ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته ملڪي ترقي، استحڪام، معاشي سڌارا، سيڙپڪاري ۾ واڌ، روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ صدر آصف زرداري جو مقصد رهيو آهي، پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ صدر آصف علي زرداري جو اهم ڪردار کي تسليم ڪرڻ ضروري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.