باڊھه(ن ع آ) باڊھه شھر ۾ درگاھه شريف چوڪ وٽ موٽر سائيڪل ھٿياربند جوابدار چانهھ جي ھوٽل تي ويٺل باڊھه جي ڳوٺ ٻاٻوري واسي 50 ورھين جي سرائي ذوالفقار علي عرف ڀٽو گوپانگ کي فائرنگ ڪري گوليون ھڻي کيس قتل ڪري فرار ٿي ويا، جوابدارن جي فائرنگ سبب هوٽل تي ويٺل ماڻھن ۾ ڀاڄ پئجي وئي، واقعي جي اطلاع تي باڊھه پوليس واقعي واري ھنڌ تي پھچي لاش پنھنجي تحويل ۾ وٺي اسپتال ڏانھن منتقل ڪيو ڳوٺاڻي جي لاش جو تعلقي اسپتال ڏوڪري مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش سندس وارثن حوالي ڪيو ڳوٺاڻي جو لاش ڳوٺ ٻاٻوري پھچڻ تي سوڳ ڇائنجي ويو سندس گھر ۾ ڪھرام پئجي ويو، ھوڏانھن قتل واقعي جو اصل ڪارڻ معلوم نه ٿي سگھيو آھي.ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته واقعو ذاتي دشمني تان پيش آيو آهي.