ڪراچي اوڀر (رپورٽ: شفقت نوناري) قومپرست اڳواڻ ممتاز بروھي جي پٽ آفتاب بروهي کي 5 مهينا بناجواز کنڀي گم ڪندڙ اهلڪارن خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ان سلسلي ۾وڪيلن جي ٽيم ايڊووڪيٽ امتياز بروهي، ايڊووڪيٽ رضوان راڄپر، ايڊووڪيٽ لقمان پنهور، ايڊووڪيٽ عبدالوحيد پيرزادو، سائيٽ سپرهائي وي ٿاڻي پهتا ته ايس ايچ او عقيل پنهنجي پيٽي ڀائرن خلاف ايف آءِ آر نه ڪٽي ۽ ٿاڻي تان فرار ٿي ويو، جڏهن ته آخري اطلاع تائين ڪنهن به جوابدار خلاف ڪيس داخل نه ٿي سگهيو. ياد رهي ته ڪراچي اندر سنڌي ماڻھن ۽ سنڌي ڳوٺن جي مالڪي ڪندڙ قومپرست اڳواڻ ممتاز بروهي جي ٻن پٽن ايڊووڪيٽ امتياز بروهي ۽ آفتاب بروهي کي ذاتي رنجش جي بنياد تي پوليس عملدارن گهران کڻي گم ڪري ڇڏيو هو.