واشنگٽن ( م ڊ ) آزاديءَ جا 76 سال پورا ٿيڻ جي باوجود پاڪستان انتهائي بحران مان گذري رهيو آهي. ملڪ ۾ هن وقت مهانگائي، ڳري يوٽيلٽي بلز، ڳري ٽيڪسن، ڪرپشن ۽ وڌندڙ پرڏيهي قرضن عام ماڻهوءَ جي زندگي مفلوج بڻائي ڇڏي آهي، پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته معاشي بحران جي باوجود ملڪ جي طاقتور اشرافيه حڪومت کي پنهنجي مرضيءَ سان منهن ڏيڻ لاءِ مجبور ڪري ڇڏيو آهي. سياسي اڳواڻن جا ملڪي توڙي پرڏيهه جا اثاثا وڌي رهيا آهن. پاڪستان جي موجوده صورتحال پرڏيهي تعليمي ادارن جو خاص ڌيان ڇڪايو آهي ۽ انهن ان صورتحال کي مستقبل ۾ پنهنجي شاگردن کي ’ڪيس اسٽڊي‘ طور سيکارڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڪيس اسٽڊي جو عنوان آهي ‘پاڪستان ايٽ 75 ، ڇا بحران ختم ٿيندو؟ اهو هن سال هارورڊ بزنس اسڪول جي بهار جي سيشن ۾ داخل ٿيل شاگردن کي سيکاريو ويندو. هن ڪيس اسٽڊي جي عنوان ۾ بحران جو اصطلاح استعمال ڪيو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو هڪ اصطلاح آهي جيڪو سياستدانن پاران پاڪستان ۾ سياسي جلسن دوران ملڪ جي سياسي عدم استحڪام ۽ مسلسل وڌندڙ معاشي مسئلن کي بيان ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي. 1947ع ۾ برطانيا کان آزادي ملڻ کان پوءِ ملڪ ۾ مسلسل سياسي عدم استحڪام سبب ملڪ هن وقت سنگين معاشي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي.