9 مئي ڪيس، پراسيڪيوٽرز پاران جج خلاف ريفرنس داخل

راولپنڊي (م ڊ) دهشتگردي جي انت واري خصوصي  عدالت 9 مئي سانحي جي سمورن 14 ڪيسن جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين روڪيندي ملتوي ڪري ڇڏي. ڪيسن جي سرڪاري چئني پراسيڪيوٽرن جج تي عدم  اعتماد ڪري هاءِ ڪورٽ ۾ ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو. 9 مئي سانحي جي ڪيسن ۾ وڏي اڳڀرائي سامهون اچي وئي آهي. 9 مئي ڪيسن جي سمورن سرڪاري پراسيڪيوٽرز ٻڌڻي ڪندڙ عدالت جي جج  ملڪ اعجاز آصف تي عدم اعتماد ڪندي ڪيس ان کان ٽرانسفر ڪرائڻ لاءِ راولپنڊي هاءِ ڪورٽ بينچ ۾ ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو. هنن موقف اختيار ڪيو ته عدالت جو جج راولپنڊي بار جو آهي، هي جوابدارن جي وڪيلن کي رليف ڏئي ٿو، ان ڪري 9 مئي سانحي جا ڪيس ٽرانسفر ڪيا وڃن. ريفرنس داخل ٿيڻ تي عدالت 9 مئي جي سمورن ڪيسن جي ٻڌڻي روڪي ڇڏي، ٻڌڻي رڪجي وڃڻ سبب پي ٽي آءِ باني سميت سمورن جوابدارن تي فرد جرم ۽ چالان جي ڪاپي  جي ورهاست به رڪجي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.