اسلام آباد (ع آ نيوز): وچ اوڀر غير يقينيءَ واري صورتحال آهي. اسرائيل ايران تي وڏي حملي جي منصوبابندي ڪئي آهي. هوڏانهن لبنان ۽ اسرائيل ۾ به ڇڪتاڻ چوٽ چڙهيل آهي. يهودي فوج لبنان جي سرحد اندر داخل ٿي ڪارروائي جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي حزب ﷲ جي ويڙهاڪن سخت مزاحمت کانپوءِ ناڪام بڻائي ڇڏيو. اسرائيلي جنگي ڪابينا جي لڳاتار ٿيندڙ اجلاسن ۾ ايران کي جواب ڏيڻ لاءِ غور ڪيو پيو وڃي، جنهن کانپوءِ ايران به فوج کي هاءِ الرٽ ڪري ڇڏيو آهي. چيو پيو وڃي ته اسرائيل ايران جي فوجي ۽ مذهبي شخصيتن کي نشانو بڻائڻ جي رٿابندي ڪئي آهي، اطلاعن موجب اسرائيل ايران جي روحاني اڳواڻ آيت الله خامني کي به نشانو بڻائي سگهي ٿو، جڏهن ته ايران جي ايٽمي پروگرام تي به حملي جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. جيڪڏهن ائين ٿيو ته پوءِ ايران خاموش نه ويهندو.