عمران خان جو حڪومتي دور اقتصادي حوالي سان بدترين دور هو: تجزيو

اسلام آباد ( عوامي آواز نيوز): شهباز شريف جي موجوده حڪومت ۽ گذريل سورنهن مهينن جي حڪومت کي عمران خان جي سياسي دور  سان ڪنهن به طور تي ڀيٽي نه ٿو سگهجي شهباز شريف جي ٻنهي دورن ۾ ملڪ جي اقتصادي حالتن کي بهتر بنائڻ لاءِ عملي قدم کنيا ويا هيا، جڏهن ته عمران خان جي حڪومتي دور ۾ ملڪ جي اقتصادي حالتن جي بهتريءَ لاءِ ڪجهه به نه ڪيو ويو هو، اهڙن خيالن جو اظهار نامياري سياسي تجزيه ڪار گوهر بٽ پنهنجي تازي ولاگ ۾ ڪيو آهي، سندس چوڻ آهي ته عمران خان پنهنجي دور ۾ ملڪ جي اقتصادي بهتريءَ لاءِ جيڪي قدم کنيا هيا انهن ۾ هن ملڪ جي عوام کي وهڙا پالڻ، ڪڪڙيون پالڻ، وڇيون پالڻ، بيدن جو ڪاروبار ڪرڻ جهڙا منصوبه پيش ڪيا هيا جيڪي سمورا جو سمورا ناڪام ٿابت ٿيا، جڏهن شهباز شريف گذريل دور ۾ پڻ ڪيئي اقتصادي پروگرام جوڙيا هيا، ۽ هن دور ۾ پڻ سندس جي ڪوششن سان عرب ملڪن سميت وچ اوڀر جي ملڪن مان پنجن کان ستن ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري اچي رهي آهي. اصل مسئلو هي نه آهي ته عمران خان ڪيترو مشهور آهي، اصل مسئلو هي آهي ته ان جو دور ۾ ملڪ جي اقتصادي صورتحال بهتر بنائڻ لاءِ ڪهڙا عملي اپاءَ کنيا ويا. ڪنهن اڳواڻ جي مشهوري اصل مسئلو نه آهي، اصل مسئلو ان جي ڪارڪردگي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.