گهرو وزير جي جان محمد مهر جي وارثن سان ملاقات،انصاف جي خاطري

سکر (رپورٽر) شهيد صحافي جان محمد مهر جي وارثن سان گهرو وزير  ۽ آءِ جي سنڌ ملاقات ڪئي آهي، سنڌ جي گهرو وزير شهيد صحافي  جي ڀاءُ ڪرم الله مهر ۽ صحافين سان اظهار همدردي ۽ تعزيت به ڪئي، صحافت جي شعبي ۾ جان محمد مهر جي خدمتن تي خراج عقيدت به پيش ڪئي وئي ، گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار شهيد جي وارثن ۽ صحافي اڳواڻن کي مڪمل تعاون جو يقين پڻ ڏياريو، هن چيو ته قتل  ۾ ملوث جوابدارن کي هر صورت ۾ قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، آءِ جي سنڌ چيو ته شهيد صحافي جي قاتلن کي جلد قانون جي ڪٽهڙي ۾آندو ويندو، متاثر خاندان کي جلد انصاف فراهم ڪيو ويندو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.