روينيو ۾ زمينن جي کاتن ۾ ردوبدل ۽ جعلسازي ڪيس ۾ 13 جوابدارن جي ضمانت منظور

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾روينيو کاتي ۾ زمينن جي کاتن ۾ ردوبدل ۽ جعلسازي ڪري رشوت وٺڻ واري معاملي جي ٻڌڻي ٿي ،عدالت اسسٽنٽ ڪمشنر ملير سميت 13 جوابدارن جي 10 – 10 لکن جا ضمانتي ڪاغذ جمع ڪرائڻ عيوض ضمانت منظور ڪري ڪري ورتي  آهي .عدالت گرفتار جوابدارن کي ضمانتي ڪاغذ جمع ڪرائڻ کان پوء جيل مان ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي .اسسٽنٽ ڪمشنر ملير اعجاز هاليپوٽو مختيار ڪار اسلم شر سميت 13 جوابدارن جي 4مارچ تي اسپيشل جج اينٽي ڪرپشن جي عدالت ضمانت رد ڪئي هئي. ضمانت رد ٿيڻ بعد اينٽي ڪرپشن پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو هو. جڏهن ته محمد مختيار ملير اسلم شر سميت 5 جوابدار ضمانت رد ٿيڻ بعد عدالت مان فرار ٿي ويا هئا .جوابدارن ۾  اسسٽنٽ ڪمشنر ملير اعجاز هاليپوٽو، سپروائيزر اعجاز، تپيدار ذوالفقار لغاري، يوسي سيڪريٽري صفوران اعجاز لغاري، يو سي سيڪريٽري نيول ڪالوني شيخ ماجد جاويد، يو سي سيڪريٽري ضياء ڪالوني، ماجد حسين منگي، يوسي سيڪريٽري زمان آباد ڪورنگي، اياز علي سومرو يوسي سيڪريٽري ڊرگ ڪالوني ايم زمان خاصخيلي شامل آھن .جوابدارن ۾ يوسي ڪلارڪ دوراجي ايم. يونس نوناري،اڳوڻو يو سي چيئرمين صفوران محمد الياس ، اڳوڻو يو سي چيئرمين نيو دوراجي سيد رضا علي امام  ۽ فريادي وقار ممتاز ڪريمي. عرفان خان ، نادر علي . اسد پٺاڻ،  زهرا پٺاڻ،حسام احمد شمسي،. آصف بلوچ شامل آهن.جعلسازي ڪيس ۾ ٽوٽل 19 جوابدار نامزد آھن جن مان 13 جوابدارن کي اينٽي ڪرپشن پوليس ضمانت رد ٿيڻ کان پوء 4 مارچ تي گرفتار ڪري جيل اماڻيو هو جڏھن ته مختيارڪار ملير محمد اسلم شر سميت 5 جوابدار عدالت مان ضمانت رد ٿيڻ بعد فرار ٿي ويا هئا .ياد رهي ته ملير ڊي سي آفيس جي روينيو ڪلارڪ شبانه ڪنول کي زمينن جي کاتن ۾ ردوبدل ۽ جعلسازي ڪرڻ جي الزام ۾ وڊيو ريڪارڊنگ تي ھڪ ڪروڙ 14 لک 85 ھزار روپيا رشوت وٺڻ جي الزام ۾ اينٽي ڪرپشن پوليس ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو ھو.رشوت وٺڻ جي وڊيو ريڪارڊنگ سوشل ميڊيا تي جاري ٿي ھئي .مک جوابدار شبانه ڪنول ضمانت تي آزاد آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.