نواز شريف ۽ مريم نواز ماني جي قيمت چيڪ ڪرڻ لاءِ تندور تي پهچي ويا

لاهور ( م ڊ ) اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف ۽ پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ماني جي قيمت چيڪ ڪرڻ لاءِ لاهور ۾ اڊه پلاٽ جي تندور تي پهچي  ويا.نوازشريف ۽ مريم نواز تندور تي نئين قيمتن جو نوٽيفڪيشن چيڪ ڪيو، مريم نواز ماني جي وزن ۽ قيمت جي باري ۾ پڇا ڪئي ۽ هدايت ڪئي ته نوٽيفڪيشن کي ڀت تي لڳايو وڃي. مريم نواز 16 روپين واري ماني لڳرائي چيڪ ڪئي.ان موقعي تي نوازشريف تندور وارن کي چيو ته هاڻ ماني 20 روپين ۾ نه ڏجو. پنجاب جي وزيراعليٰ چيو ته ماني هاڻ 16 روپين جي ٿي وئي آهي. اسان ماني جي قيمت 16 روپيه ۽ نان جي قيمت 20 روپيه ڪري ڇڏي آهي.هن چيو ته نوٽيفڪيشن اچي ويا آهن 16 روپين کان وڌيڪ  ماني جا پئسا ناهن وٺڻا، جيڪڏهن 16 کان وڌيڪ ڪوبه گهري ته هڪ نمبر ڏنل آهي انهي تي رپورٽ ڪريو.ياد رهي ته گذريل ڏينهن پنجاب ۾ اٽي جي قيمتن ۾ لاٿ کان پوءِ ماني به سستي ڪئي وئي هئي، ماني جي نئين قيمت هاڻ 16 روپيه مقرر ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.