آءِ ايم ايف پاران پاڪستان جي معاشي بهتريءَ جي اڳڪٿي

واشنگٽن (م ڊ): آءِ ايم ايف پاڪستاني معيشت ۾ بهتري جي اڳڪٿي ڪئي آهي. آءِ ايم ايف ورلڊ اڪنامڪ آئوٽ لڪ رپورٽ 2024 جاري  ڪئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي معاشي ترقي جي شرح هلندڙ سال 2 سيڪڙو ۽ ايندڙ سال 3.5 سيڪڙو تائين پهچڻ جو امڪان آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هلندڙ سال مهانگائي جي شرح 21 سيڪڙو جي ٽارگيٽ جي مقابلي ۾ 24.8 سيڪڙو رهندي. جڏهن ته ايندڙ مالي سال ۾ مهانگائي ۾ 12.1 سيڪڙو گهٽتائي جو امڪان آهي. رپورٽ موجب پاڪستان ۾ هلندڙ سال بيروزگاري 8 سيڪڙو ۽ ايندڙ سال 7.5 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي. ياد رهي ته ان کان اڳ آءِ ايم ايف سربراهه ڪرسٽا لينا جارجيوا ائٽلانٽڪ ڪائونسل جي ٿنڪ ٽينڪ کي خطاب ڪندي پاڪستان جي معاشي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.