سنڌ جو گهرو وزير امن امان جي صورتحال مان مطئمن، ڏوهارين خلاف آپريشن لاءِ جديد هٿيار ڏيڻ جو فيصلو

ميرپورماٿيلو (رپورٽ پريم راٺوڙ) سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ گھوٽڪي جي دوري تي ايس ايس پي گھوٽڪي جي آفيس پھچي ويا ، ايس ايس پي گھوٽڪي جي آفيس ۾ اعليٰ سطحي جو اجلاس، ڏوهارين خلاف ٽارگيٽيڊ آپريشن ڪرڻ سان گڏ و گڏ پوليس کي جديد گاڏيون جديد اسلحو ۽ سموريون سهولتون ڏيڻ جو فيصلو، سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر آهي، هڪ سازش تحت ماڻهن ۾ خوف پکيڙيو ويو آهي موٽر وي بند ناھي، گھرو وزير سنڌ ضياءَ الحسن لنجار جي پريس ڪانفرنس ، تفصيل موجب گھوٽڪي ضلعي جي امن و امان ۽ ڏوھارين خلاف ھلندڙ ٽارگيٽيڊ آپريشن جو جائزو وٺڻ لاءِ گذريل ڏينهن گھرو وزير سنڌ ضياءُ الحسن لنجار ۽ آئي جي سنڌ پوليس غلام نبي ميمڻ گھوٽڪي جي دوري دوران ايس ايس پي گھوٽڪي جي آفيس پھتا جتي پوليس جي خصوصي دستي پاران گارڊ آف آرنر سلام پيش ڪيو ويو ، ان سلسلي ۾ گھرو وزير جي صدارت ھيٺ ھڪ اعلي سطحي اجلاس ٿيو جنهن ۾ متعلقه ايس ايس پيز گھرو وزير کي گھوٽڪي ضلعي جي صورتحال بابت بريفنگ ڏني ان موقعي تي گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته گھوٽڪي ضلعي سميت سموري سنڌ م ھن وقت امن و امان جي صورتحال پھريان کان بھتر آھي ڪو به گھوٽڪي ضلعي جو مغوي ڌاڙيلن وٽ قيد ناھي ھڪ سازش تحت خوف جي فضا پکڙيل آهي ھن چيو ته هاءِ ويز شاهراھن ۽ مسافرن کي تحفظ فراهم ڪيو پيو وڃي موٽر وي سي پيڪ معمول مطابق ھلي رھيو آھي جڏھن ته جلد کان جلد ٽارگيٽڊ آپريشن تيز ڪري ڏوھارين جو خاتمو ڪري گھوٽڪي ضلعي کي امن و امان جي صورتحال جو گھوارو بڻايو ويندو ، ھن چيو ته عوام جو تحفظ خدمت به آهي فرض به آهي حڪمن تي تعميل رپورٽن جو پندرهن ڏينهنِ بعد ٻيھر دؤرو ڪري جائزو وٺندس گھرو وزير چيو ته سڀ سردار خراب ناھن باقي قبيلائي تڪرارن ۾ ملوث ماڻھن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي ان موقعي تي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جو چوڻ هو ته  پوليس پاران ڏوھارين خلاف ڪارروايون جاري آھن ڏوھارين سان ڪنھن به قسم جي رعايت نه ڪئي ويندي شاهراهن تي قائم پوليس چيڪ پوسٽن تي موجود آفيسر بھتر ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.