سستي ماني وڪڻڻ جي حڪم تي هر صورت ۾ عمل ڪرايو ويندو: عظميٰ بخاري

لاهور (م ڊ ) پنجاب جي سڌ سماءُ واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته سستي ماني وڪرو ڪرڻ جي حڪم تي هر صورت ۾ عمل ڪرايو  ويندو، لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عظميٰ بخاري چيو آهي ته سستي ماني وڪرو ڪرڻ جي حڪمن تي عملدرآمد لاءِ انتظاميه متحرڪ ٿي وئي آهي ۽ ان حوالي سان حڪومت پنهنجو هوم ورڪ مڪمل ڪري ورتو آهي. هن چيو ته اهو دور هليو ويو آهي، جڏهن منصوبا ڪاغذن تي هئا، مريم نواز جي ڊڪشنري ۾ ناممڪن لفظ ناهي،جون مهيني ۾ ايئر ايمبولينس آپريشنل بحال ٿيندي،جنهن لاءِ ٽريننگ شروع ٿي چڪي آهي، ٻه هيلي ڪاپٽر ريسڪيو سروس جو حصو هوندا. عظميٰ بخاري پي ٽي آءِ تي تنقيد ڪندي چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت آهي پر ڪارڪردگي ناهي،صرف پنهنجي ليڊر جي جوتن تي رڳو 804 لکيل آهي. پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز بابت صوبائي وزير چيو ته هوءَ 800 جو سوٽ پائيندي آهي، جيڪڏهن ڪنهن کي يقين ڪرڻو آهي ته ڪري ناهي ڪرڻُ ته نه ڪري. هن چيو ته مريم نواز پنهنجي زندگي ۾ وڏي تبديلي آڻي ڇڏي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.