رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر وڌيڪ مهانگو ٿي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ ۾ رپئي جي ڀيٽ ۾آمريڪي ڊالر جي مُلهه ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل انگ اکرن موجب، اڄ ڪاروبار جي پڄاڻي تائين انٽربئنڪ ۾ ڊالر 17 پئسا مهانگو ٿيو.
اسٽيٽ بئنڪ موجب، انٽربئنڪ ۾ ڪاروبار جي پڄاڻي تي ڊالر جي قيمت 278 رپيا 29 پئسا آهي.
ياد رهي ته انٽر بئنڪ ۾ گذريل ڏينهن ڊالر 18 پئسا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 278.12 رپين تي بند ٿيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.