بشريٰ انصاريءَ اقبال حسين سان شاديءَ جي خبرن جي تصديق ڪري ڇڏي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي سينيئر اداڪارا بشريٰ انصاري پنهنجي شادي بابت خطبرن جي تصديق ڪري ڇڏي.

بشريٰ انصاري مڙس هدايتڪار اقبال حسين سان پنهنجي يوٽيوب چينل تي ”اسان جي پهرين ملاقات“ جي نالي سان ويلاگ پوسٽ ڪيو آهي جنهن ۾ هن شادي جي تصديق ڪئي آهي، جڏهن ته وڏي عمر ۾ شادي تي پنهنجن خيالن جو اظهار به ڪيو آهي.

ويلاگ ۾ اقبال حسين ٻڌايو ته سندن پهرين ملاقات 2016 ۾ آن ايئر ٿيندڙ شو سيريل ”سيتا باگڙي“ جي شوٽنگ ۾ ٿي، ان وقت ٻنهي جي طلاق ٿي چڪي هئي ۽ ٻئي اڪيلا هئا، ان شوٽنگ ۾ ئي هن بشريٰ انصاري کي سڱ جي آڇ ڪئي.

بشريٰ انصاري چيو ته اقبال حسين جي طلاق منهنجي طلاق کان ڪجهه عرصو اڳ ٿي هئي ۽ هن ڪجهه عرصي بعد طلاق ورتي پر ان وقت ٻئي هڪ ٻئي سان نه مليا هئا، بشريٰ انصاري ٻڌايو ته هن پنهنجي طلاق بابت ڪڏهن به ڪنهن سان نه ڳالهايو ڇاڪاڻ ته طلاق کي قبول ڪرڻ لاءِ ڏيڍ سال جو وقت لڳو.

اداڪارا چيو ته کيس شادي جو پري پري تائين ڪو خيال نه هو، پاڻ کي هن شادي لاءِ ڏيڍ سال تائين مڃرايو پوءِ پنهنجي خاندان سان اقبال کي ملايو ته سڀ هن کان متاثر ٿيا.

ان موقعي تي اقبال حسين جو چوڻ هو ته پنهنجي عمر کان وڏي عورت سان شادي ڪرڻ سان هو معاشري ۾ رائج منفي روين جي حوصله شڪني ٿو ڪري. جوڙيءَ جو چوڻ هو ته اڪثر ٻار ماءُ جي گذاري وڃڻ کان پوءِ پيءُ جي ٻي شادي ڪرائيندا آهن پر عورت بابت ڪير به ناهي سوچيندو، عورتن کي به زندگي گذارڻ جو حق آهي. زندگي گذارڻ لاءِ جيئن ڪنهن عمر ۾ ڪنهن کي به جيون ساٿي ملي ٿو ته نئين زندگي شروع ڪرڻ ۾ ڪو حرج ناهي.

واضح رهي ته 2019 ۾ بشريٰ انصاري ۽ اقبال حسين جي شاديءَ جون خبرون هلي رهيون هيون پر ٻنهي شخصيتن پاران خبرن کي رد ڪيو ويو. ان کانپوءِ 2020 ۾ بشريٰ انصاري پنهنجي طلاق بابت کلي ڪري ڳالهايو ۽ 2023 ۾ پنهنجي ٻي شادي جي تصديق ڪئي پر اهو نه ٻڌايو هيائين ته هن ڪنهن سان شادي ڪئي آهي.

بشريٰ انصاري 1978 ۾ اقبال انصاري سان پهرين شادي ڪئي هئي جنهن جي 36 سالن بعد هن طلاق ورتي جڏهن ته اقبال حسين جي پهرين شادي اداڪارا ۽ ميزبان فرح حسين سان ٿي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.