ملت ايڪسپريس واقعو، فوت ٿيندڙ عورت جي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ملت ايڪسپريس تان مبينا طور ڪِري فوت ٿيندڙ عورت جي پوسٽ مارٽم رپورٽ سامهون اچي وئي آهي.
ڪجهه ڏينهن هلندي ٽرين ۾ عورت ۽ ٻارن تي پوليس اهلڪار جي تشدد جي وڊيو سامهون آئي هئي، جنهن کانپوءِ چني ڳوٺ ريلوي اسٽيشن ويجهو متاثر عورت جو لاش هٿ آيو هو.
عورت جو لاش ملڻ کانپوءِ سندس موت ڳجهارت بڻجي وئي هئي جڏهن ته هاڻ پوسٽ مارٽم رپورٽ سامهون اچي وئي آهي.
پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب، عورت جو موت حادثاتي آهي، عورت جي جسم تي ڌڪن جا پنج نشان موجود هئا.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته عورت جو موت هڏين جي ٽٽڻ ۽ گهڻي رت وهڻ سبب ٿيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.