اسرائيلي جهاز ۾ پاڪستاني شهرين جي موجودگي، ايران وڏو قدم کڻي ورتو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ايراني حڪومت سامونڊي جهاز تي موجود ٻن پاڪستاني شهرين جي واپسي جي اجازت ڏئي ڇڏي.
سفارتي ذريعن موجب، ايران طرفان اسرائيل جي بحري جهاز تي قبضو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جهاز تي موجود ٻن پاڪستانين جي واپسي جي اجازت ڏني وئي آهي.
ذريعن موجب، ايران آگاهه ڪيو آهي ته پاڪستاني عملو ڏيهه واپس وڃڻ لاءِ آزاد آهي، جهاز جي ڪپتان جو اختيار آهي ته هو جڏهن به پنهنجي عملي کي اجازت ڏئي هو جهاز مان لهي وڃن.
سفارتي ذريعن موجب، ايران طرفان اجازت پاڪستاني پرڏيهي کاتي جي ڪوششن تي ڏني وئي.
ياد رهي ته ايراني سفير رضا اميري مقمد گذريل ڏينهن پرڏيهي آفيس ۾ ٿيل ملاقات دوران ٻن پاڪستاني شهرين جي آزادي جي خاطري ڪرائي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.