ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ وڏي واڌ

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سموري ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ وڏي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولي سون جي قيمت 2400 رپيا واڌ کانپوءِ ٻه لک 49 هزار 7 سئو رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت ڏهه گرام سون 2057 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 14 هزار 77 رپين جو آهي.
هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 20 ڊالر واڌ بعد 2371 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.