سلمان خان جي گهر تي فائرنگ : جاچ ۾ جوابدارن سبب ٻڌائي ڇڏيو

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اسٽار سلمان خان جي رهائش گاهه تي فائرنگ ڪندڙ جوابدارن کي واقعي جي 24 ڪلاڪن ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب سلمان خان جي ممبئي واري گهر تي فائرنگ ڪندڙ 2 جوابدارن کي گجرات جي شهر ڀوج مان گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ ٻنهي جوابدارن جو تعلق رياست بهار سان آهي.

ڀارتي ميڊيا ٻڌايو آهي ته ڀارت جي ڪرائم برانچ يونٽ 9 گذريل رات وڪاس عرف وڪي گپتا ۽ ساگر پال کي بهار مان گرفتار ڪيو آهي.

پوليس جي بيان موجب جوابدارن ٻڌايو ته هنن جيل ۾ قيد گينگسٽر لارنس بشنوئي جي چوڻ تي ۽ پيسن عيوض سلمان جي گهر سامهون فائرنگ ڪئي آهي. پوليس موجب فائرنگ کانپوءِ جوابدارن پنهنجو پستول سورت جي درياهه ۾ ڦٽو ڪيو هو. جوابدارن جي گرفتاري بابت ڀارتي پوليس ٻڌايو ته آچر جي صبح باندرا بينڊ اسٽينڊ تي سلمان جي گهر گيليڪسي اپارٽمنٽ جي بالڪوني ۾ جوابدارن فائرنگ ڪئي هئي جنهن جو مقصد اداڪار يا سندس خاندان کي نقصان پهچائڻ نه هو پر خوف پکيڙڻ هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.