ميڪسويل ذهني مسئلن جو شڪار، ڪرڪيٽ تان وقفي جو اعلان

بئنگلورو ( ويب ڊيسڪ ) اسٽار آسٽريلوي آل رائونڊر ۽ آءِ پي ايل جي فرنچائز رائل چئلينجر بئنگلورو جي نمائندگي ڪندڙ گلين مڪسويل ذھني مسئلي/ ڊپريشن سبب اڻ اعلانيل مدي تائين آءِ پي ايل تان وقفي جو اعلان ڪيو آھي.
پنهنجي بيان ۾ مڪسويل چيو تہ ھي مناسب وقت آھي، سندس جاءِ تي ڪنهن ٻئي رانديگر کي موقعو ڏنو وڃي.
آسٽريلوي ڪرڪيٽر موجب، ھو پنهنجي ذھني ۽ جسماني صحت کي نظر ۾ رکندي آءِ پي ايل يل تان وقفو وٺڻ چاھي ٿو.
سندس چوڻ ھو ته جيڪڏھن ٽورنامينٽ دوران ٽيم کي منهنجي ضرورت محسوس ٿي ته ھو مضبوطي سان واپسي ڪندو .
ميڪسويل اھو پڻ چيو ته جسماني ۽ ذھني مشقت کيس ٿڪائي وڌو آھي.
آل رائونڊر پنهنجي صحت بابت ٻڌائيندي چيو ته ھو ماضيءَ ۾ پڻ اھڙي صورتحال مان گذري چڪو آھي.
ميڪسويل پهريون ڪرڪيٽر آھي جنهن باضابطا طور تي تسليم ڪيو آھي ته ھو ذھني مسئلن جو شڪار آھي اھو ئي سبب آھي جو کيس 2019ع ڪجهه وقت لاءِ عالمي ڪرڪيٽ وقفو وٺڻو پيو ھو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.