شان شاهد جي ڌيءُ فلم ڊيبيو لاءِ تيار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستاني فلمن جي ماضي جي مشهور هيرو شان شاهد جي ڌيءُ بهشت شاهد تصديق ڪئي آي ته جلد هوءَ فلم ڊيبيو ڪندي نظر ايندي.

بهشت شاهد جي هڪ وائرل وڊيو ۾ هن فلم انڊسٽري ۾ قدم رکڻ سميت پنهنجي مستقبل تي ڳالهايو آهي. وڊيو ۾ بهشت شاهد پاران ڪجهه عرصو اڳ پيءُ سان گڏ هن هڪ انٽرويو ۾ شرڪت ڪئي هئي، شان شاهد به ان تي خوشيءَ جو اظهار پيو ڪري ته سندس ڌيءُ فلم ڊيبيو پئي ڪري.

وڊيو ۾ شان شاهد جي نياڻي تصديق ڪئي ته هوءَ اداڪارا ۽ ليکڪ جي طور تي فلم ڊيبيو ڪري رهي آهي ۽ مستقبل ۾ هن جو هدايتڪاري جو به ارادو آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ بهشت شاهد چيو ته کيس پيءُ، ڏاڏي ۽ ٻين ماڻهن کي ڏسي فلمن ۾ ڪم ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو ۽ هوءَ سٺي شهرت واري فلمي خاندان سان تعلق رکڻ سبب ٿوري پريشان به آهي.

 

View this post on Instagram

 

A post shared by Galaxy Lollywood (@galaxylollywood)

هن چيو ته سندس تعلق فلمي خاندان سان هجڻ سبب هن تي ذميواري آهي، ان لاءِ ٿوري پريشان آهي، پر ان باوجود پيءُ جي ساٿ سبب کيس ڪو به مسئلو ناهي ۽ هوءَ هر اهو ڪم ڪندي جيڪو سندس پيءُ صلاح ڏيندو. گلوڪاري بابت سوال تي هن چيو ته گلوڪاري وڏي ۽ مختلف شعبو آهي ان بابت ڪجهه به ڳالهائڻ وقت کان اڳ هوندو.

بهشت شاهد فلم ۾ ڊيبيو جي تصديق ڪئي پر ڊيبيو فلم بابت وڌيڪ تفصيل نه ڏنا،امڪان آهي ته فلم کي سندس پيءُ ئي پروڊيوس ڪيو آهي جنهن ۾ هن سان گڏ نظر ايندي.

واضح رهي ته گذريل سال بهشت جي هڪ شاديءَ جي تقريب واري ڊانس وڊيو وائرل ٿي جنهن ۾ کيس ساراهيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.