ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ، ڀارتي بورڊ جون پريشانيون وڌي ويون

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي سي آءِ ) کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ دوران آمريڪا ۾ سهولتن جي ڳڻتي ورائي ورتو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، بي سي سي آءِ طرفان هوٽل ۽ ٻين سهولتن جو جائزو وٺڻ لاءِ ٽيم نيويارڪ موڪلي وئي آهي.
رپورٽ موجب، آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جون پهريون ڀيرو آمريڪا ۾ ميچون ٿي رهيون آهن ۽ آمريڪا ۾ سهولتن جو هن وقت ڪنهن کي ڪو به اندازو نه آهي انڪري هڪ ٽيم جائزو وٺڻ لاءِ موڪلي وئي آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، بي سي سي آءِ جو هڪ عملدار هوٽل ۽ ٻين انتظامن جو جائزو وٺندو، آءِ پي ايل جي ليگ ميچن جي پڄاڻي بعد ڀارتي ڪرڪيٽر آمريڪا روانو ٿيندا جڏهن ته ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ پهچندڙ ٽيمن جا رانديگر بعد ۾ آمريڪا لاءِ اُڏام ڀريندا.
رپورٽ موجب،ڀارتي ٽيم پنج جون تي آئرلينڊ خلاف پهرين ميچ نيويارڪ ۾ کيڏندي، پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميچ نوَ جون تي نيويارڪ ۾ شيڊيول آهي.
ياد رهي ته ڀارتي بورڊ ماضيءَ ۾ ٽيم لاءِ ٻين ٽيمن کان ڌار هوٽلن ۾ رهائش جو انتظام ڪندو رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.