روس ٻي جنگ جي تياري پيو ڪري،آمريڪا ڪمزور ٿئي پيو: ساجد تارڙ

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)پاڪستاني ڄاول آمريڪي سياستدان ۽ اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ويجهي ساٿي ساجد تارڙ چيو آھي ته گذريل ڏينهن اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو آمريڪا جي صدر جو بائيڊن سان 25-منٽ ٽيليفون تي ڳالهايو پر آمريڪي صدر ايران خلاف جوابي ڪارروائي جي صورت ۾ حمايت ڪرڻ کان معذرت ڪري ڇڏي جيڪو ثابت ڪري ٿو ته اسرائيل گهڻو ڪجھ وڃايو آھي،آمريڪا اصل ۾ اسرائيل کي اهو باور ڪرايو آھي ته اهو آمريڪا کانسواءِ ڪجھ به نه آھي، هن چيو ته اسرائيل جي پاران ڇهن مهينن کان غزا تي جاري حملن ۾ 34-هزار ماڻھن جي مارجي وڃڻ تي پوري دنيا خاص ڪري مسلمان ملڪن جي خاموشي وڏي افسوس جي ڳالھ آھي، هن چيو ته ايراني حملو ڏيکاءُ ھو ۽ اسرائيل جو جاني يا مالي نقصان نه ٿيو البته ايران کي نفسياتي برتري ملي آھي۔ هن چيو ته افغانستان جي طالبان حڪومت ايراني حملي کي ساراهيو آھي جڏهن  ته پاڪستان جو ردعمل آئي ايم ايف کي نظر ۾ رکي ڏنو ويو آھي۔ هن چيو ته وچ اوڀر ۾ جيڪو ڪجھ ٿي رهيو آھي اهو آمريڪا جي ڪمزور پرڏيهي پاليسي جو نتيجو آھي، اگر ايران تي اسرائيل حملو ڪيو ته روس جو رد عمل ڇا هوندو، شام ۾ روسي مداخلت تي به آمريڪا ڪجھ نه ڪري سگهيو۔ هن چيو ته مون پورا ٻه هفتا ورجينيا ۾ اڳوڻي صدر ٽرمپ سان گڏ گذاريا جنهن جو چوڻ ھو ته جيڪڏهن هو اقتدار ۾ ھجي ها ته روس-چين اتحاد نه ٿيڻ ڏئي ها،هن چيو ته روس تيل مان وڏو پيسو ڪمايو آھي ۽ روبل بهترين ڪرنسي ٿي وئي آھي،روس ٻئي جنگ لاءِ تياري ڪري رهيو آھي،هن چيو ته آمريڪا جا هٿيار ختم ٿي ويا آھن جيڪا ڳالھ دنيا لاءِ خطري واري آھي هن چيو ته ڪابل جي زوال بعد پنٽاگون ۽ آمريڪي فوج ۾ مايوسي ڇانيل آھي آمريڪا لاءِ سڀ کان وڏو خطرو چين جو ڦھلجڻ آھي هن چيو ته جيڪڏهن برڪس ملڪن ڌار ڪرنسي شروع ڪئي ته اهو آمريڪا لاءِ وڏو ڌڪ هوندو۔ ساجد تارڙ چيو ته پرڏيهي پاليسي ۽ معيشيت واريء جيان آمريڪا جي هٿن مان نڪري رهي آھي،ڀارت ايران کان کلم کلا تيل وٺي ان کي صاف ڪري ساڳيو تيل آمريڪا ۾ وڪرو ڪري ٿو، ان تي آمريڪا کي اعتراض ڪونهي پر جڏهن پاڪستان ايران کان تيل وٺڻ لاءِ پائيپ لڳائي ٿو ته آمريڪا پاران پاڪستان تي صورتحال واضع ڪئي ٿي وڃي هندستاني پنهنجي ملڪ ڀارت سان جڙيل آھن جيئن يهودي اسرائيل سان جڙيل آھن، پر مون سميت ڪو به پاڪستاني پنهنجي ملڪ سان سان جڙيل ڪونهي، هوڏانهن ناليواري دانشور سيد محمد علي چيو ته نيتن ياهو جي 30- سالا سياست جو نچوڙ اهو رهيو آھي ته ايران ئي وڏو خطرو آھي، اسلامي دنيا ۾ سعودي عرب ۽ ترڪي ليڊر هئا هاڻي ايران پاڻ کي متبادل طور سامهون آندو آھي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.